ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت سلمان لاشاري قتل ڪيس،فريادي کي نوٽيس جاري ڪندي 12 مارچ تي جواب طلب ڪري ورتو

atc11-9

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت سلمان لاشاري قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار سليمان ابڙو جي ضمانت واري درخواست تي فريادي کي نوٽيس جاري ڪندي 12 مارچ تي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ سلمان لاشاري قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار سليمان ابڙو جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته سليمان ابڙو جيل ۾ آهي، ڏوهه ڪرڻ وقت سندس عمر 18 سال کان گهٽ هئي، جنهن ڪري جيونائن ايڪٽ تحت سندس ضمانت منظور ڪئي وڃي.

عدالت اهڙي درخواست تي فريادي کي نوٽيس جاري ڪندي 12 مارچ تي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

واضح رهي ته سليمان لاشاري کي ڊفينس واري علائقي ۾ گهر تي حملو ڪري قتل ڪيو ويو هو، جنهن ڪيس ۾ 5 جوابدار گرفتار آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*