تحريڪ انصاف جي ايم پي اي خرم شير زمان، مصطفيٰ ڪمال جي الزامن جي عدالتي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو

khuram-shir-zaman

تحريڪ انصاف جي ايم پي اي خرم شير زمان، مصطفيٰ ڪمال جي الزامن جي عدالتي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو  ڪندي چيو آهي ته ڪراچي جون حالتون خراب ڪرڻ ۾ ملوثن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ جن جو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي، انهن کي به انصاف ملڻ گهرجي.

سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي خرم شير زمان چيو ته مصطفيٰ ڪمال 24 سال ايم ڪيو ايم ۾ رهيو آهي ۽ ڪراچي جي سٽي ناظم واري اهم عهدي جون ذميواريون به نڀائي چڪو آهي، ان جي الزامن کي سنجيدگي سان وٺڻ گهرجي.

هـُن وزيراعظم، سنڌ جي وڏي وزير ۽ وفاقي گهرو وزير کان مطالبو ڪيو ته مصطفيٰ ڪمال جي الزامن جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن قائم ڪيو وڃي.

خرم شير زمان چيو ته مصطفيٰ ڪمال جي الزامن جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن ماضي جيان نه هجي، عدالتي ڪميشن جلد جاچ مڪمل ڪري ۽ ان جا نتيجا به عوام آڏو آندا وڃن.

پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته ڪيتري ئي عرصي کان ڪراچي جون حالتون خراب رهيون، جنهن جو به جاني ۽ مالي نقصان ٿيو، انهن کي انصاف ملڻ گهرجي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*