سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران ميمبرن گمس ۾ لور ٽرانسپلانٽيشن يونٽ قائم ٿيڻ تي سنڌ حڪومت جي ڪوششن جي تعريف

sindh assmbly old bulding

 سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران ميمبرن گمس ۾ لور ٽرانسپلانٽيشن يونٽ قائم ٿيڻ تي  سنڌ حڪومت جي ڪوششن جي تعريف ڪئي آهي، جڏهن ته مخالف ڌر ميمبرن گمس جو نالو برقرار رکڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدات هيٺ ٿيو، جنهن دوران پ پ جي پارلياماني ۽ تعليم واري وزير نثار کهڙي پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي ماڻهن لاءِ گمبٽ ۾ لور ٽرانسپلانٽيشن يونٽ ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.

فنڪشنل ليگ  جي مهتاب اڪبر راشدي، نصرت سحر عباسي، متحده جي  سيد سردار احمد ۽ ٻين ميمبرن گمس ۾ لور ٽرانسپلانٽيشن يونٽ قائم ٿيڻ تي سنڌ حڪومت کي مبارڪون  ڏيندي چيو ته هاڻ سنڌ واسين کي جيئري جي ٽرانسپلانٽيشن لاءِ ڀارت يا ٻين ملڪن  ڏانهن نه وڃڻو پوندو.

صحت واري وزير ڄام مهتاب ڏهر  چيو ته گمس ۾ لور جي ٽرانسپلانٽيشن مفت ڪئي ويندي ۽ اهڙي سهولت ايس آءِ يو ٽي ڪراچي  ۾  فراهم ڪرڻ لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن.

اجلاس دوران متحده جي نائلا منير ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي ڳالهائيندي چيو ته راڻيپور جي گودامن ۾ ڪڻڪ خراب ٿي رهي آهي، جنهن تي خوراڪ واري وزير ناصر شاهه چيو ته اهڙي شڪايت بعد معاملي جي جاچ ڪرائي وئي ۽ اتي ڪا به ڪڻڪ خراب نه پئي ٿئي.

ارم عظيم فاروقي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي ڳالهائيندي چيو ته عالمي بئنڪ تعليم جي بهتري لاءِ 2 ارب رپيا ڏنا آهن، ٻڌايو وڃي ته اُهي ڪٿي خرچ ڪيا پيا وڃن.

تعليم واري وزير چيو ته عالمي بئنڪ پاران ڏنل گرانٽ مان اسڪولن کي اپ گريڊ ڪرڻ سميت انهن ۾ سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن.

اجلاس دوران متحده جي ميمبرز حيدرآباد جي سرمست هائوسنگ سوسائٽي ۾ بدعنوانين بابت التوا واري رٿ پيش ڪئي، جيڪا اسپيڪر رد ڪري ڇڏي.

سنڌ اسيمبلي جي اڄوڪي اجلاس ۾ به تعليم واري وزير نثار کهڙي ۽ نصرت سحر عباسي وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي.

سنڌ اسيمبلي ۾ مختلف معاملن تي بحث جاري هو ته اسپيڪر اجلاس جي ڪارروائي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*