نه ڪو وفادار آهي، نه باغي، پارٽي ۾ شموليت جي دعوت سڀني لاءِ آهي: اڳوڻي سٽي ناظم مصطفيٰ ڪمال

mustafa_kamal_670

نه ڪو وفادار آهي، نه باغي، پارٽي ۾ شموليت جي دعوت سڀني لاءِ آهي: اڳوڻي سٽي ناظم مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته هزارين ماڻهن پارٽي ۾ شموليت لاءِ رابطو ڪيو آهي، انيس قائمخاني چيو آهي ته هـُو ايم ڪيو ايم جو ڊپٽي ڪنوينر هو، نه ڪٿي باهه لڳائڻ ويو هوس نه جي آءِ ٽي ۾ نالو آهي: بلديه فئڪٽري بابت پڇيل سوال جو جواب.اڳوڻي سٽي ناظم ڪراچي مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم شهر جون حالتون خراب ڪري ٿي ته الله کين هدايت ڏيندو، پارٽي ۾ شموليت جي دعوت سڀني لاءِ آهي، ڪو به وفادار يا باغي نه آهي.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته اسان جي ڪري شهر جون حالتون خراب نه ٿينديون پر جيڪڏهن ايم ڪيو ايم حالتون خراب ڪيون ته الله کين هدايت ڏيندو.

هن چيو ته وڏن يا ننڍن نالن تي پارٽي نه ٺهندي آهي، الله تي ڀروسو آهي، پريس ڪانفرنس بعد هزارين فون ڪالز اچي چڪيون آهن.

مصطفيٰ ڪمال چيو ته سڄي ملڪ ۾ ماڻهن کي سڪيورٽي خدشا آهن، جڏهن ته سندس لاءِ ڪوبه باغي يا وفادار نه آهي، سڀني کي ساٿ ڏيڻ گهرجي.

ٽوئٽر اڪائونٽ تان بيان جاري ڪرڻ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ مصطفيٰ ڪمال چيو ته ٽوئيٽر اڪائونٽ جعلي آهي، هـُن ڪو به پيغام نه ڏنو آهي.

بلديا سانحي بابت هڪ صحافيءَ جي پڇيل سوال جي جواب ۾ انيس قائمخاني چيو ته بلديا سانحي جِي جي آءِ ٽي ۾ سندس نالو نه آهي، هــُو ان وقت پارٽي جو ڊپٽي ڪنوينر هو، فيڪٽري کي باهه لڳائڻ نه ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*