اعظم نواز شريف ۽ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار وچ ۾ ملاقات ,قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فول پروف سڪيورٽي لاءِ ڀارت سان رابطو ڪرڻ تي اتفاق

Nawaz Sharif image

وزير اعظم نواز شريف ۽ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار وچ ۾ ملاقات دوران قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فول پروف سڪيورٽي لاءِ ڀارت سان رابطو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.

پي ايم هائوس اسلام آباد ۾ وزير اعظم نواز شريف سان وفاقي گهر وزير چوڌري نثار علي خان ملاقات ڪئي، جنهن دوران قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڀارتي دوري سميت اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ملاقات دوارن وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار قومي ڪرڪيٽ ٽيم کي درپيش خدشن ۽ پي سي بي چيئرمين سان ڪيل ڳالهه ٻولهه بابت وزير اعظم کي اعتماد ۾ ورتو.

پي ايم هائوس جي ترجمان موجب، ملاقات دوران چوڌري نثار ڪرڪيٽ ٽيم کي مشروط طور ڀارت موڪلڻ جي تجويز ڏني آهي.

چوڌري نثار چيو ته فول پروف سڪيورٽي کانسواءِ ٽيم ڀارت نه موڪلي وڃي، ٽيم جي سڪيورٽي لاءِ ڀارت سان رابطو ڪيو ويندو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*