سانگهڙ ۾ چار مهينا اڳ ٽن گهر ڀاتين کي قتل ڪندڙ جوابدار پنهنجي ڏوهه جو اعتراف

sanghar-jawabdar

سانگهڙ ۾ چار مهينا اڳ ٽن گهر ڀاتين کي قتل ڪندڙ جوابدار پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته هن زال ۽ ڀائٽيي کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو ۽ اها ڳالهه ڳجهي رکڻ تي هن پنهجي پيءُ کي به قتل ڪري ڇڏيو.

بابا بيري واري علائقي ۾  مارجي ويل پيرسن رحمت الله، ناري شازيا ۽ نوجوان عمران يوسفزئي جي قاتل جوابدار مرتضيٰ يوسفزئي پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو آهي.

 جوابدار ٻڌايو هن پنهنجي ڀائٽيي عمران ۽ زال شازيا کي ڪارنهن الزام ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو هو.

جوابدار وڌيڪ ٻڌايو ته سندس زال ۽ ڀائيٽي جي ناجائز لاڳاپل واري ڳالهه ڳجهي رکڻ تي هن پنهنجي پيءُ رحمت الله کي به گوليون هڻي قتل ڪيو هو.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار پنهنجي زال، ڀائٽيي ۽ پيءُ کي قتل ڪيو هو،مقتول عمران جي ماءُ جي فرياد تي جوابدار خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*