دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڳجهن ادارن جي پنج سئو اهلڪارن جي تربيت مڪمل ٿي وئي آهي، آءِ ايس پي آر

ISPR-Logo1

دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڳجهن ادارن جي پنج سئو اهلڪارن جي تربيت مڪمل ٿي وئي آهي، آءِ ايس پي آر موجب، سکيا ورتل اهلڪار دهشتگردن سان مهاڏو اٽڪائي سگهندا.

ڊي جي آءِ ايس پي آر  پاران جاري ڪيل پڌائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته منگلا ۾ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ڪورڪمانڊر عمر فاروق دراني خاص مهمان طور شريڪ هو.

آءِ ايس پي آر موجب، هوائي فوج، نيوي، ايف سي ۽ رينجرز جي 500 اهلڪارن کي دهشتگري جي خاتمي لاءِ خاص تربيت ڏني وئي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ اهي ته پاڪ فوج هيل تائين 2300 اهلڪارن کي تربيت ڏئي چڪي آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*