ڪراچي جي علائقن شادمان ٽائون ۽ لياري ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ،5 ڄڻا گرفتار

karachipolice26-8

ڪراچي جي علائقن شادمان ٽائون ۽ لياري ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ هڪ زخمي ٿي پيو، جڏهن ته شاهه فيصل ڪالوني ۾ پوليس سرچ آپريشن دوران  هڪ ڏوهاري سميت 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

پوليس موجب شادمان ٽائون ۾ هٿياربندن جي  فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، جنهن جي سڃاڻپ ذيشان نالي  طور ٿي آهي، مارجي ويل جو لاش جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو .

 پوليس جي موجب لياري جي علائقي بهار ڪالونيءَ ۾ اڻڄاتل جوابدارن فائرنگ ڪئي جنهن ۾  هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، جنهن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته شاهه فيصل ڪالوني ۾ هڪ جڳهه تي ڇاپو هڻي چئن جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي، جنهن جي قبضي مان هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*