ڪراچي جي احتساب ورڪرز ويلفيئر بورڊ ۾ 48 لک رپين جي ڪرپشن جي الزام هيٺ گرفتار سيف الله بلو کي جيل موڪلي ڇڏيو

hath-kari05-9

ڪراچي جي احتساب ورڪرز ويلفيئر بورڊ ۾ 48 لک رپين جي ڪرپشن جي الزام هيٺ گرفتار سيف الله بلو کي جيل موڪلي ڇڏيو آهي.

نيب عملدارن سيف الله بلو جي ضمانت رد ٿيڻ بعد کيس گذريل ڏينهن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي احاطي مان گرفتار ڪيو هو.

سيف الله بلو کي اڄ احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، نيب جي رپورٽ بعد عدالت کيس جيل موڪلي ڇڏيو آهي.

سيف الله بلو تي ورڪرز ويلفيئر بورڊ ۾ 48 لک رپين جي ڪرپشن ڪرڻ جو الزام آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*