وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار اڄ شام ڇهين وڳي اهم پريس ڪانفرنس ڪندو

chudhry-nisar

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار اڄ شام ڇهين وڳي اهم پريس ڪانفرنس ڪندو، جنهن ۾ قومي ٽيم جي ورلڊ ٽي-20 ڪپ ۾ شرڪت لاءِ ڀارت وڃڻ يا نه وڃڻ بابت اعلان ڪندو، جڏهن ته موجوده سياسي صورتحال جي حوالي سان به اهم انڪشافن جو امڪان آهي.

گهرو کاتي طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي اڄ شام ڇهين وڳي اهم پريس ڪانفرنس ڪندو.

ذريعن موجب وفاقي گهرو وزير هلندڙ مهيني جي اٺِين تاريخ کان ڀارت ۾ رٿيل ٽي-20 ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستاني ٽيم جي شرڪت بابت اعلان ڪندو.

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جي پريس ڪانفرنس دوران موجوده سياسي صورتحال جي حوالي سان به اهم انڪشاف ٿيڻ جو امڪان آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*