ڪراچي جي احتساب عدالت ڊاڪٽر عاصم جي طبيعت ٺيڪ نه هئڻ بابت جيل اختيارين رپورٽ بعد ٻڌڻي 17 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي

dr-asaim

ڪراچي جي احتساب عدالت ڊاڪٽر عاصم جي طبيعت  ٺيڪ نه هئڻ بابت جيل اختيارين رپورٽ بعد سندس خلاف 465 ارب رپين جي ڪرپشن واري ڪيس جي ٻڌڻي 17 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

ڊاڪٽر عاصم خلاف 465 ارب رپين جي ڪرپشن واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ڪراچي جي جيل اختيارين احتساب عدالت کي آگاهي ڏني ته ڊاڪٽر عاصم جي طبيعت ٺيڪ نه آهي ۽ اهو اسپتال ۾ داخل آهي، انڪري کيس اڄ عدالت ۾ پيش نٿو ڪري سگهجي.

اهڙي آگاهي بعد عدالت ڊاڪٽر عاصم جي اڄوڪي ٻڌڻي کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪندي ڪيس جي ڪارروائي 17 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

     ڊاڪٽر عاصم خلاف زمينن تي قبضن ۽ ضياءُالدين ٽرسٽ جي غلط استعمال سميت 465 ارب رپين جي ڪرپشن جا الزام آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*