ميروخان ويجهو جوابدار گهرو اڻبڻت تان فائرنگ ڪري پنهنجي ڀائيٽي کي قتل ڪري ڇڏيو

ميروخان ويجهو جوابدار گهرو اڻبڻت تان فائرنگ ڪري پنهنجي ڀائيٽي کي موت جي ننڍ سمهاري ڇڏيو، جوابدار جي فائرنگ ۾ سندس بيوهه ڀاڄائي به زخمي ٿي پئي.

ڳوٺ حيدر جتوئي  ۾ جوابدار مکڻ شر پسٽل جا فائر ڪري پنهنجي نوجوان ڀائيٽي ڪاموري  کي قتل ڪري ڇڏيو.

جوابدار جي فائرنگ ۾ سندس بيوهه ڀاڄائي کير متي به زخمي ٿي پئي، جنهن بعد جوابدار فرار ٿي ويو.

اطلاع بعد پوليس پهچي ناري جو لاش ۽ زخمي عورت کي ميروخان جي اسپتال منتقل ڪيو.

پوليس موجب جوابدار گهرو اڻبڻت تان پنهنجي ڀائيٽي کي قتل ڪرڻ بعد ڀاڄائي کي زخمي ڪيو آهي، جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*