نئين جِي آءِ ٽِي بلديا فيڪٽري سانحي کي دهشتگردي جي ڪارروائي قرار ڏيندي نئين ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي

Baldia-Case-1-8

نئين جِي آءِ ٽِي بلديا فيڪٽري سانحي کي دهشتگردي جي ڪارروائي قرار ڏيندي نئين ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي، ڪراچي جي مقامي عدالت ۾ پيش ڪيل رپورٽ ۾ رحمان ڀولا، محمد فاروق، محمد زبير، حماد صديقي ۽ ٻين جا نالا شامل آهن، جڏهن ته انيس قائمخاني جو نالو شامل نه ڪيو ويو، عدالت ڪيس ۾ مفرور جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ تي جاچ آفيسر خلاف کاتيوار ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

جوڊيشل مئجسٽريٽ اولهه جي عدالت ۾ بلديا فيڪٽري سانحي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران جاچ آفيسر ۽ جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا.

جي آءِ ٽي پاران 8 صفعن تي ٻڌل اڳڀرائي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ فيڪٽري مالڪن خلاف داخل ڪيل ڪيس واپس وٺي دهشتگردي ايڪٽ تحت نئين ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

جي آءِ ٽِي رپورٽ ۾ رحمان ڀولا، محمد فاروق، محمد زبير ۽ حماد صديقي سميت 8 جوابدارن جا نالا شامل آهن، جڏهن ته انيس قائمخاني جو نالو نئين جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عدالتي حڪم تي نئين جي آءِ ٽِي ٻاهرين ملڪ وڃي فيڪٽري مالڪن جو بيان رڪارڊ ڪيو، ايم ڪيو ايم جي سيڪٽر انچارج عبدالرحمان عرف ڀولا، حماد صديقي جي چوڻ تي 25 ڪروڙ رپيا ڀتو وصول ڪيو.

رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته فيڪٽري مالڪ هڪ ڪروڙ رپيا ڀتو ڏيڻ تي راضي ٿيا پر ڀتو نه ملڻ تي جوابدارن زبير چريا ۽ سندس ساٿين ذريعي فيڪٽري کي باهه لڳرائي ڇڏي.

جي آءِ ٽِي رپورٽ موجب ايم ڪيو ايم اڳواڻن ڪارروائي کي حادثو قرار ڏيڻ لاءِ پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪيو، فيڪٽري مالڪن کي ڌمڪايو ۽ زخمين کي پنهنجو ڪارڪن ڄاڻايو.

رپورٽ موجب علي حسن قادري متاثرن جي نالي تي ايم ڪيو ايم اڳواڻن لاءِ 5 ڪروڙ 89 لک رپيا وصول ڪيا، جيڪا رقم متاثرن کي نه ڏني وئي.

سرڪاري وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته نئين جي آءِ ٽِي جِي روشني ۾ بلديا فيڪٽري سانحي جي نئين ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي.

عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته جوابدار منصور ڪٿي آهي؟ هڪ مهيني ۾ گرفتار ڇونه ٿي سگهيو، جنهن تي هُن چيو ته عدالتي حڪم جي تعميل نه ٿي سگهي.

عدالت جاچ آفيسر کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته اوهان سڀئي مليل آهيو، هي ڪو عام ڪيس نه آهي، اوهان آرام سان چئي ڏيو ته حڪم جي تعميل نه ٿي سگهي.

عدالت ڊي آءِ جي ويسٽ کي جاچ آفيسر خلاف کاتيوار ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ٻڌڻي دوران فيڪٽري مالڪن طرفان وڪيل پيش ٿي اڄوڪي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست ڏني، جنهن تي عدالت ٻڌڻي 22 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*