سنڌ جي دوستن کي ٻڌائڻ چاهي ٿو ته نيب سندن پـُڇ تي لت نه رکي : شهباز شريف

shahbaz

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته هــُو سنڌ جي دوستن کي ٻڌائڻ چاهي ٿو ته نيب سندن پـُڇ تي لت نه رکي آهي، پنجاب ۾ هڪ ٽڪو به ڪرپشن ثابت ٿي ته هــُو سياست ڇڏي ڏيندو، پنجاب ۾ ڪاررواين جون حقيقتون سامهون آنديون ته نيب کي پگهر نڪري ويندي.

لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته هــُو سنڌ جي دوستن کي ٻڌائڻ چاهي ٿو ته نيب سندن پڇ تي لت نه رکي آهي، پنجاب ۾ نيب کي ڪاررواين لاءِ سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن.

هن چيو ته نيب پنجاب ۾ مختلف معاملن ۾ ڪرپشن جي جاچ ڪري رهي آهي، جيڪڏهن سندس ٽنهي دورن ۾ هڪ ٽڪو به ڪرپشن ثابت ٿي ته هــُو سياست ڇڏي ڏيندو.

شهباز شريف چيو ته جلد حقيقتون سامهون آنديون وينديون ته نيب ڇا ڪري رهيو آهي ۽ جن اسڪينڊلز جا ثبوت آهن، ان تي ڪهڙي ڪارروائي ڪئي وئي.

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو ته جيڪڏهن ثبوت پيش ڪيا ته قومي احتساب بيورو جا به پگهر نڪري ويندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*