نيب پاران ڊاڪٽر عاصم ۽ سئي گئس جي اڳوڻي ايم ڊي شعيب وارثي سميت 5 ڄڻن خلاف 17 ارب رپين جي ڪرپشن بابت ريفرنس تيار

dr-asim-28-8

نيب پاران اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم ۽ سئي گئس جي اڳوڻي ايم ڊي شعيب وارثي سميت 5 ڄڻن  خلاف 17 ارب رپين جي ڪرپشن بابت ريفرنس تيار ڪيو ويو آهي.

نيب پاران تيار ڪيل ريفرنس ۾ ڊاڪٽر عاصم سان گڏ جي جي وي ايل ڪمپني جي مالڪ اقبال احمد، سئي گئس جي اڳوڻي ايم ڊي شعيب وارثي، ڊائريڪٽر ظفر صديقي ۽ خالد رحمان کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي.

ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين عملدارن تي الزام آهي ته انهن بدين آئل فيلڊ مان ايل پي جي ڪڍڻ لاءِ ڏيڍ ڪلوميٽر پائپ لائين کي 35 ڪلوميٽر ڪرڻ ۽ ايل پي جي پلانٽ جو ٺيڪو من پسند ماڻهو کي ڏئي قومي خزاني کي 17 ارب رپين جو نقصان پهچايو آهي.

نيب پاران ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين عملدارن خلاف تيار ڪيل ريفرنس اڄ احتساب عدالت ۾ داخل ڪرڻ جو امڪان آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*