مصطفيٰ ڪمال جا انڪشاف انتهائي اهم آهن، حڪومت کي معاملي جو نوٽيس وٺي جڊيشل ڪميشن قائم ڪرڻ گهرجي

shah-mahmood-qurishi

پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته نيب آئيني ادارو آهي، جيڪڏهن پنجاب ۾ ڪارروائي ڪري ٿو ته شهباز شريف کي گهٻرائڻ نه گهرجي، مصطفيٰ ڪمال جا انڪشاف انتهائي اهم آهن، حڪومت کي معاملي جو نوٽيس وٺي جڊيشل ڪميشن قائم ڪرڻ گهرجي.

ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته مصطفيٰ ڪمال جيڪو بيان رڪارڊ ڪرايو آهي، اهو تمام گهڻو اهم آهي، سندس انڪشافن جو حڪومت نوٽيس وٺي.

هن چيو ته تحريڪ انصاف مصطفيٰ ڪمال جي بيان تي حڪومت کان جوڊيشل ڪميشن بڻائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

شاهه محمود قريشي چيو ته پنجاب اسيمبلي پاران منظور ڪيل عورتن واري بل تي جيڪڏهن فضل الرحمان ناراض آهي ته سندس وزير قلمدان ڇڏي ڏين.

پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته نيب هڪ آئيني ادارو آهي، جيڪڏهن پنجاب ۾ ڪارروايون ڪري ٿو ته شهباز شريف کي گهٻرائڻ نه گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*