ٺٽي جي عدالت عام چونڊن دوران ايم پي اي اويس مظفر جي قافلي تي حملي واري ڪيس جي ٻڌڻي 26 مارچ تائين ملتوي

thatta-court

ٺٽي جي عدالت عام چونڊن دوران ايم پي اي اويس مظفر جي قافلي تي حملي واري ڪيس جي ٻڌڻي 26 مارچ تائين ملتوي ڪندي شاهدن ۽ فريادين کي طلب ڪري ورتو آهي.

سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج  جي عدالت عام چونڊن دوران پ پ ايم پي اي اويس مظفر جي قافلي تي حملي واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران ايم پي اي اعجاز شاهه شيرازي، اڳوڻو ضلعي ناظم شقفت شاهه شيرازي سميت ڪيس ۾ نامزد 7 ڄڻا عدالت ۾ پيش ٿيا.

عدالت فرادي ڌر جي نه پهچڻ ڪري ٻڌڻي 26 مارچ تائين ملتوي ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي شاهدن ۽ فريادين کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

واضح رهي ته عام چونڊن دوران پ پ ايم پي اي اويس مظفر جي قافلي تي حملو بابت گهوڙا ٻاري ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو ويو هو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*