ٺٽي جي عدالت جهيڙي ۽ حملي واري ڪيس ۾ ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي شفقت شاهه شيرازي ۽ مقبول شاهه شيرازي سميت چئن ڄڻن کي بري ڪري ڇڏيو
ٺٽي جي عدالت جهيڙي ۽ حملي واري ڪيس ۾ ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي شفقت شاهه شيرازي ۽ مقبول شاهه شيرازي سميت چئن ڄڻن کي بري ڪري ڇڏيو آهي.
سيڪنڊ سول جج جي عدالت 2 سال اڳ پ پ ڪارڪن حسين ملاح پاران مٿس حملي ۽ جيهڙي بابت سجاول ٿاڻي تي داخل ڪرايل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
عدالت شاهديون ۽ ثبوت نه ملڻ تي اڳوڻي ضلعي ناظم شفقت شاهه شيرازي، مڪي شاهه شيرازي، صالح شاهه ۽ مقبول شاهه شيرازي کي ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو.
واضح رهي ته 2 سال سجاول ٿاڻي تي پ پ ڪارڪن حسين ملاح پاران مٿس حملي ۽ جيهڙي جو ڪيس داخل ڪرايو ويو هو، جنهن بعد ڪيس ۾ نامزد سمورا ماڻهو ضمانت تي آزاد هئا……………