مصطفيٰ ڪمال ۽ انيس قائمخاني کي جلد احساس ٿيندو ته اُنهن جو ڏيهه واپسي وارو فيصلو غلط آهي:وسيم اختر

wasim-akhtar

سنڌ هاءِ ڪورٽ وسيم اختر جي ٻن ڪيسز ۾ عبوري ضمانت ۾ 11 مارچ تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي، وسيم اختر چيو آهي ته مصطفيٰ ڪمال ۽ انيس قائمخاني کي جلد احساس ٿيندو ته اُنهن جو ڏيهه واپسي وارو  فيصلو غلط آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ وسيم اختر جي درخواست تي قومي ادارن خلاف تڪراري بيان ڏيڻ وارن ٻن ڪيسز ۾ عبوري ضمانت ۾ 11 مارچ تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيشيءَ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وسيم اختر چيو ته مصطفيٰ ڪمال تي اهو ئي هٿ آهي جيڪو آفاق احمد تي هو ۽ تمام جلد ٻنهي کي احساس ٿي ويندو ته سندن ڏيهه واپسي وارو فيصلو غلط  آهي.

وسيم اختر چيو ته مصطفيٰ ڪمال جيڪي پنهنجي دور ۾ ڪم ڪيا اُها ڪا راڪيٽ سائنس نه هئي ۽ اهو سڀ ڪجهه ٽيم ورڪ جو نتيجو هو.

وسيم اختر چيو ته مصطفيٰ ڪمال ۽ انيس قائمخاني نه سياستدان آهن ۽ نه ئي انهن جي ڪا اهميت آهي ۽ جيڪڏهن اُهي ٻئي  ڏيهه واپسي کان اڳ ساڻس مشورو ڪن ها ته هو انهن کي سٺي صلاح ضرور ڏئي ها.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*