وفاقي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ اي او بي آءِ ڪرپشن ڪيس ۾ اڳوڻي چيئرمين ظفر گوندل کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

zafar-gondol

وفاقي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ اي او بي آءِ ڪرپشن ڪيس ۾ اڳوڻي چيئرمين ظفر گوندل کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته عدالت ساڳي ڪيس ۾ نامزد جوابدار قاسم پرويز جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪيا آهن.

عدالت اي او بي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين ظفر گوندل کي پيش نه ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي گهرو کاتي کي حڪم ڏنو ته ايندڙ ٻڌڻي تي ظفر گوندل جي حاضري يقيني بڻائي وڃي.

ظفر گوندل کي عدالت ۾ پيش نه ڪرڻ سبب سندس خلاف فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو، جڏهن ته عدالت ساڳي ڪيس ۾ نامزد جوابدار قاسم پرويز جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*