سانگهڙ ۾ پرائمري اسڪول ٻاهران هوائي فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف حراس ڇائجي ويو

sanghar-school

سانگهڙ ۾ پرائمري اسڪول ٻاهران هوائي فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف حراس ڇائجي ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ ڪندڙ شخص جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.

نظاماڻي پاڙي ۾ پرائمري اسڪول ٻاهران هوائي فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف حراس ڇائجي ويو، جنهن کانپوءِ اسڪول مان ٻارڙن کي موڪل ڏئي گهر اماڻيو ويو.

اطلاع تي پوليس پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، پر ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته علائقي جي هڪ نوجوان اسڪول ٻاهران هوائي فائرنگ ڪئي آهي، جنهن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن.

اسڪول جي ٽيچرز جو چوڻ آهي ته فائرنگ بعد ٻارڙن ۾ خوف ڇائجي ويو، جنهن ڪري اسڪول بند ڪري ٻارڙن کي گهر اماڻيو ويو.

هنن مطالبو ڪيو فائرنگ ڪري ٻارڙن کي حراسان ڪندڙ شخص کي فوري طور گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*