فشرفوڪ فورم پاران ڪراچي کان نڪتل سنڌ عوامي ڪارروان قافلو جاتي پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو

fashar-folk

فشرفوڪ فورم پاران ڪراچي کان نڪتل سنڌ عوامي ڪارروان قافلو جاتي پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو، اڳواڻن چيو ته  سنڌو درياهه جي بحالي، خوراڪ ۽ ماحولياتي انصاف خاطر مارچ ڪيو پيو وڃي.

فشر فوڪ فورم پاران سنڌ عوامي ڪارروان ريلي ٺٽي کان جاتي پهتي ته عوام پاران شاندار استقبال ڪندي ريلي ۾ شريڪ ماڻهن تي گلن جي ورکا ڪئي وئي.

ريلي کي خطاب ڪندي محمد علي شاهه ۽ ٻين چيو ته سنڌو درياهه جي بحالي، خوراڪ ۽ ماحولياتي انصاف خاطر  هو مارچ ڪري رهيا آهن.

هنن چيو ته ڪوٽڙي کان هيٺ سنڌو درياهه ۾ پاڻي نه ڇڏي ڊيلٽا کي تباهي جي ور چاڙهيو ويو آهي، جنهن سبب ماحوليات تباهه ٿي رهي آهي.

اڳواڻن وڌيڪ چيو ته حڪمرانن جي غلط پالسين سبب ساحلي علائقن جا ماڻهو بدحالي جو شڪار آهن،سنڌو درياهه جي بحالي لاءِ سندن ماچ جاري آهي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*