ٺل جي ريلوي اسٽيشن تان هڪ نينگر کي لاوارث حالت ۾ هٿ

thul-child

ٺل جي ريلوي اسٽيشن تان هڪ نينگر کي لاوارث حالت ۾ هٿ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ميرپور ٻرڙو مان لاوارث حالت ۾ هٿ آيل ٻن ٻارڙن جا وارث ملي ويا آهن.

ريلوي اسٽيشن تي شهري اسماعيل سرڪي کي هڪ لاوارث نينگر مليو آهي، جيڪو پنهنجو نالو اظهر ۽ پيءُ جو نالو محمد حسن ٻڌائي رهيو آهي.

شهري اسماعيل سرڪي جو چوڻ آهي ته  لڳي ٿو ته نينگر پشاور کان ڪراچي ويندڙ ريل گاڏي مان لٿو آهي، پر هيل تائين سندس وارث نه ملي سگهيا آهن.

ميرپور ٻڙڙو ۾ پوليس کي 2 ٻارڙا لاوارث حالت ۾ مليا، ته پورهيت صلاح نندواڻي پهچي ٻنهي ٻارڙن جي شمن عمراڻي ۽ ٻارڙي ناديا طور سڃاڻپ ڪئي، جنهن کانپوءِ ٻارڙن کي پيءُ حوالي ڪري ڇڏيو.

پورهيت صلاح نندواڻي جيو ته هو ڪراچي کان واپس ٺل اچي رهيا هئا ته ميرپور ٻرڙو ۾ ٻئي ٻارڙا ڪوچ مان لهڻ بعد گم ٿي ويا هئا……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*