سنڌ هاءِ ڪورٽ عدالتي حڪم نه مڃڻ تي آءِ جي سنڌ ۽ ٻين جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا

سنڌ هاءِ ڪورٽ، ملير جي اسڪيم 33 جي سچل واري علائقي ۾ زمين تي قبضي ڪيس ۾ عدالتي حڪم نه مڃڻ تي آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي اوڀر، ايس ايس پي ملير ۽ ايس ايڇ او سچل ٿاڻو سميت 11 ڄڻن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس سعيد الرحمن تي ٻڌل بئنچ نوشهرو فيروز واسڻ افروز بيگم جي درخواست تي آءِ جي سميت ٻين جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪيا.

درخواستگذار افروز بيگم پاران داخل درخواست۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اسڪيم 33 سچل واري علائقي ۾ ڪجهه باانثر ڌرين 25 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو آهي، جنهن کي پوليس ۽ رينجرز جي سرپرستي حاصل آهي.

عدالت، زمين تان قبضو ختم ڪرڻ لاءِ واڳيل حد جي ايس ايس پي ۽ ايس ايڇ او کي نوٽيس جاري ڪيا، جنهن تي عمل نه ٿيڻ ته عدالت آءِ جي سنڌ سميت 11 ڄڻن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا.

ياد رهي ته عدالتي حڪم تي عمل نه ٿيڻ تي درخواستگذار جي وڪيل پاران توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي وئي، جنهن تي عدالت اهڙا حڪم جاري ڪيا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*