غيرت جي نالي تي قتل بابت قانونسازي وارو بيان مثبت آهي واقعن ۾ گهٽتائي ايندي:عبيد چناءِ

abda

ٻه ڀيرا آسڪر ايوارڊ حاصل ڪندڙ شرمين عبيد چناءِ وزيراعظم پاران غيرت جي نالي تي قتل بابت قانونسازي وارو بيان مثبت آهي ۽ قانونسازي سان تيزاب هارڻ وارن واقعن ۾ گهٽتائي ايندي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرمين عبيد چناءِ چيو ته اسان کي ان پاڪستان طرف ورڻو پوندو جنهن جو بنياد قائد اعظم محمد علي جناح رکيو هو ۽ اهڙي پاڪستان ۾ غيرت جي نالي تي قتل نه هو.

شرمين عبيد چيو ته سزائون ملڻ سان عورتن تي تشدد وارا واقعا گهٽجندا ۽ هاڻ تيزاب گردي وارن واقعن تي به سزائون ملي رهيون آهن.

هن چيو ته ملڪ ۾ غيرت جي نالي تي قتل جا ڪيترائي واقعا رپورٽ نٿا ٿين ۽ معاشري ۾ عورتن جو اڳتي وڌڻ انتهائي ڏکيو آهي.

شرمين عبيد چناءِ چيو ته غيرت جي نالي تي قتل خلاف وزيراعظم جو بيان مثبت آهي ۽ اسان کي سوچڻو آهي ته  پنهنجو دڳ ڪيئن وڃائي ويٺا آهيون.

هن چيو ته اڄ جو نوجوان نسل اسان کي ان خواب جي ساڀيان ڏانهن وٺي وڃي رهيو آهي جيڪو اسان جي بزرگن ڏٺو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*