مصطفيٰ ڪمال جيڪو چيو اُها ان جي ذاتي راءِ آهي، ايم ڪيو ايم وٽ ڪيترائي باصلاحيت ماڻهو آهن: نثار کهڙ و

nisar-khoro

سنڌ جي تعليم واري وزير نثار کهڙي چيو آهي ته مصطفيٰ ڪمال جيڪو چيو اُها ان جي ذاتي راءِ آهي، ايم ڪيو ايم وٽ ڪيترائي باصلاحيت ماڻهو آهن جيڪي پريس رليز ٺاهي سگهن ٿا.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نثار کهڙي چيو  هاڻ نه يحيٰ نه ايوب ۽ نه مشرف جو دور آهي، هي عوام جو دور آهي ۽ هتي رڳو پارلياماني نظام ئي هلي سگهي ٿو.

هڪ سوال جي جواب ۾ نثار کهڙي چيو ته مصطفيٰ ڪمال پاران رحمان ملڪ تي لڳايل الزام بي بنياد آهن، مصطفيٰ ڪمال جيڪو ڪجهه چيو اها سندس راءِ هئي، ايم ڪيو ايم  وٽ  پريس رليز لکڻ لاءِ ڪيترائي باصلاحيت ماڻهو موجود آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*