ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت دهشتگردن جو علاج ڪرڻ واري ڪيس ۾ نامزد سليم شهزاد، قادر پٽيل ۽ انيس قائم خاني جا ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

atc11-9

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت دهشتگردن جو علاج ڪرڻ واري ڪيس ۾ نامزد سليم شهزاد، قادر پٽيل ۽ انيس قائم خاني جا ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي کين 22 مارچ تائين پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، جڏهن ته عدالت جوابدار عثمان معظم کي جيل ۾ بي ڪلاس ڏيڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.

دهشتگردن جو علاج ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران جيل اختيارين رپورٽ پيش ڪئي ته ڊاڪٽر عاصم بيمار هئڻ سبب جناح اسپتال ۾ داخل آهي ۽ هو ذهني گهٻراهٽ جو شڪار هئڻ سبب کيس عدالت ۾ پيش نٿو ڪري سگهجي.

جاچ آفيسر مفرور جوابدارن بابت رپورٽ پيش ڪندي چيو ته سليم شهزاد وٽ 2 پاسپورٽ هئا ۽ سندس خيال آهي هو برطانوي پاسپورٽ تي ملڪ کان ٻاهر ويو آهي.

جج رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن هو برطانوي پاسپورٽ تي ٻاهر ويو آهي ته ان کي ڪيئن واپس آڻي سگهجي ٿو.

جاچ آفيسر الطاف ٻڌايو ته قادر پٽيل، سليم شهزاد ۽ انيس قائمخاني بابت ايف آءِ اي کي خط لکيو هو، پر ان جو جواب نه ڏنو ويو آهي.

جج جاچ آفيسر کي چيو ته انيس قائمخاني 2 ڏينهن اڳ ڪراچي پهتوآهي ۽ ان کي ڇو گرفتار نه ڪيو ويو آهي،؟ جنهن تي جاچ آفيسر  چيو ته هن به ميڊيا ذريعي انيس قائمخاني کي ڏٺوآهي.

جاچ آفيسر وڌيڪ ٻڌايو ته مفرور جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ايف آءِ اي کي خط لکيو هو.

قادر پٽيل جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته قادر پٽيل 28 مارچ تي واپس ڏيهه اچڻ چاهي ٿو، عدالت جاچ آفيسر جي رپورٽ بعد سليم شهزاد، انيس قائمخاني ۽ قادر پٽيل جا هڪ ڀيرو ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جو ڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي کين 22 مارچ تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

عدالت دهشتگردن جوعلاج ڪرڻ واري ڪيس ۾ گرفتار جوابدار عثمان معظم کي بي ڪلاس ڏيڻ واري درخواست  به رد ڪري ڇڏي آهي.

ٻڌڻي دوران رئوف صديقي ۽ وسيم اختر پيش ٿيا، رئوف صديقي عدالت کي ٻڌايو ته جنهن جي چوڻ تي کين ڪيس ۾نامزد ڪيو ويو آهي اهو پاڻ عدالت ۾ پيش نه پيو ٿي.

رئوف صديقي ٻڌايو ته جنهن جي چوڻ تي کين نامزد  ڪيو ويو آهي ڊاڪٽرن ان کي ذهني مريض  قرار ڏنو آهي .

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*