فلم “زوٽوپيا” ايندي ئي باڪس آفيس تي ڇانيل

zootopia

نئين ايني ميٽڊ فلم “زوٽوپيا” ايندي ئي باڪس آفيس تي ڇانيل آهي، فلم چئن هفتن کان پهرين نمبر تي موجود فلم ڊيڊپول کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي.

بائرن هاورڊ ۽ رچ مور جي هدايتڪاري ۾ ٺهيل ڪاميڊي ۽ ايڪشن سان ڀرپور ايني ميٽڊ فلم زوٽوپيا جي ڪهاڻي اهڙي جنگل جي آهي، جتي بيڏوهه لومڙي کي ڏوهاري قرار ڏنو ٿو وڃي ۽ سَهو پوليس اهلڪار لومڙي کي ان مشڪل مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ ٻئي گڏجي ڪم ڪن ٿا، رليز ٿيڻ جي ٽن ڏينهن ۾ زوٽوپيا 7 ڪروڙ 37 لک ڊالر ڪمائي پهرين پوزيشن حاصل ڪئي آهي.

هن هفتي رليز ٿي آسڪر ايوارڊ حاصل ڪندڙ مورگن فري مين ۽ اسڪاٽش اداڪار گيراڊ بٽلر جي نئين ايڪشن ڪرائم ٿرلر فلم شروعاتي ڏينهن ۾ 2 ڪروڙ 70 لک ڊالر ڪمايا، فلم برطانوي وزيراعظم جي پر اسرار مارجڻ سان شروع ٿئي ٿي، جنهن کانپوءِ ايجنٽس ۽ ڳجهن ادارن کي وزيراعظم جي آخري رسمن ۾ شريڪ عالمي اڳواڻن کي قتل ڪرڻ جي خطرناڪ منصوبي جي خبر پوي ٿي ۽ پوءِ ايڪشن رڪجڻ جو نالو ئي نٿو وٺي.

واضع رهي ته گذريل چئن هفتن کان باڪس آفيس تي راڄ ڪندڙ ڊيڊپول هاڻي ٽئين نمبر تي اچي وئي آهي، فلم هن هفتي هڪ ڪروڙ 64 لک ڊالر ڪمايا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*