لاهور هاءِ ڪورٽ، مصطفيٰ ڪمال جي انڪشاف بعد ايم ڪيو ايم جي سياسي جماعت طور اليڪشن ڪميشن مان رجسٽريشن رد ڪرائڻ واري درخواست خارج ڪري ڇڏي

LahoreHighCourtLHC12-8

لاهور هاءِ ڪورٽ، مصطفيٰ ڪمال جي انڪشاف بعد ايم ڪيو ايم جي سياسي جماعت طور اليڪشن ڪميشن مان رجسٽريشن رد ڪرائڻ واري درخواست خارج ڪري ڇڏي آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ايم ڪيو ايم جي اليڪشن ڪميشن ۾ رجسٽريشن رد ڪري پابندي لڳائڻ بابت تحريڪ انصاف يوٿ ونگ جي اڳواڻ علي جاويد جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي وئي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته مصطفيٰ ڪمال ۽ انيس قائمخاني جي اعترافي پريس ڪانفرنس ايم ڪيو ايم جي خلاف چارج شيٽ آهي، جنهن مان ثابت ٿي ويو آهي ته متحده رياست مخالف سرگرمين ۾ ملوث آهي.

درخواستگذار موجب مصطفيٰ ڪمال جي انڪشافن بعد ايم ڪيو ايم کي سياسي سرگرمين جي اجازت نه ملڻ گهرجي، عدالت کي استدعا آهي ته ايم ڪيو ايم جي سياسي جماعت طور رجسٽريشن رد ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

لاهور هاءِ ڪورٽ، دليل ٻڌڻ بعد درخواست خارج ڪندي چيو ته درخواستگذار متاثر ڌر ناهي، ان حوالي سان لاڳاپيل فورم سان رابطو ڪيو وڃي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*