پاڪستان پاران خير سگالي واري جذبي تحت آزاد ڪيل 87 ڀارتي مهاڻن کي واگها بارڊر ذريعي هندوستان روانو ڪيو ويو

bharti-mahra

پاڪستان پاران خير سگالي واري جذبي تحت آزاد ڪيل 87 ڀارتي مهاڻن کي واگها بارڊر ذريعي هندوستان روانو ڪيو ويو آهي.

گذريل ڏينهن ڪراچي جي ملير جيل مان خير سگالي جذبي تحت 87 ڀارتي مهاڻن کي آزاد ڪري ٽرين ذريعي لاهور اماڻيو ويو هو.

حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته سامونڊي حدن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيل 87 مهاڻن کي واگها بارڊر ذريعي ڀارت روانو ڪيو ويو.

واضح رهي ته ڪراچي جي لانڍي سميت مختلف جيلن ۾ سامونڊي حدن جي ڀڃڪڙي جي ڏوهه ۾ 556 ڀارتي مهاڻا قيد آهن……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*