انڊونيشيا جي راڄڌاني جڪارتا ۾ او آءِ سي جو “فلسطين مسئلي جي منصفاڻي حل لاءِ اتحاد” جي سري هيٺ پنجون غير معمولي اجلاس

indonisha

فلسطين مسئلي تي او آءِ سي جي پنجين غير معمولي اجلاس ۾فلسطين کي آزاد رياست تسيلم ڪرڻ  ۽ اسرائيلي جارحيت بند ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

فلسطين ۾ اسرائيلي جارحيت خلاف “منصفاڻي حل لاءِ اتحاد ”  جي عنوان هيٺ جڪارتا ۾ جاري او آءِ سي جي غير معمولي اجلاس ۾ 49 ملڪن جا سربراهه ۽ نمائندا، جڏهن ته سلامتي ڪائونسل جا 5 مستقل ميمبر شريڪ آهن.

اجلاس ۾ فسطيني صدر محمود عباس چيو آهي ته اسرائيل عالمي معاهدي جي پاسداري نه ڪري رهيو آهي.

انڊونيشيا جي صدر او آءِ سي مسئلي جي حل لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اسرائيل کي عالمي قانون جي پاسداري ڪرڻ گهرجي.

او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽري جنرل اياد بن امين چيو ته اسرائيلي جارحيت سبب عالمي امن سخت متاثر ٿي رهيو آهي، مسلمان ملڪن کي فلسطين مسئلي جي حل لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*