پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪندي يا نه،اڪستان جي 3 رڪني ٽيم ڀارت رواني ٿي وئي

pak-vs-india

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ٽي ٽوئنٽي  ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪندي يا نه، ان سلسلي ۾ سڪيورٽي جو جائزو وٺڻ لاءِ پاڪستان جي 3 رڪني ٽيم ڀارت رواني ٿي وئي آهي، حڪومت جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي جي خاطري تائين ٽيم ڀارت نه ويندي.

ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر عثمان انور جي قيادت ۾ 3 رڪني ٽيم سڪيورٽي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ واهگا بارڊر رستي ڀارت رواني ٿي وئي آهي ، ٽيم ۾ پي سي بي جو ڪرنل اعظم به شامل آهن

نئين دهلي ۾ مقرر پاڪستان جو ڊپٽي هاءِ ڪمشنر عبيد نظاماڻي به وفد جو ٽيون ميمبر آهي، جيڪو ڀارت کان ئي وفد ۾ شامل ٿيندو.

ٽي رڪني ٽيم ڌرم شالا ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ 19 مارچ تي رٿيل ميچ جي سڪيورٽي لاءِ انتظامن جو جائزو وٺندي.

پاڪستان جي سڪيورٽي ٽيم هماچل پرديش جي وڏي وزير سميت ٻين عملدارن سان ملاقات پڻ ڪندي.

ٻي طرف حڪومت واضح ڪيو آهي ته رانديگرن جي تحفظ تائين پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم ڀارت نه ويندي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*