اوهان کي رپورٽ بابت ڄاڻ ناهي ته اوهان کي وردي ۾ به رهڻ جو حق ناهي:چيف جسٽس آءِ جي سنڌ کي مخاطب

ig-sindh-in-suprem-court

سپريم ڪورٽ ڪراچي بدامني ڪيس ۾ پوليس جي رپورٽ تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي آءِ جي سنڌ کان ڊي جي رينجرز پاران پيش ڪيل رپورٽ تي سڀاڻي شق وار جواب طلب ڪري ورتو آهي، جڏهن ته رينجرز ڪراچي آپريشن جي ڪاميابي لاءِ مڪمل اختيار ڏيڻ، ٿاڻا قائم ڪرڻ، ايف آءِ آر داخل ڪرڻ ۽ جاچ جا اختيار ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ 5 رڪني فل بئنچ ڪراچي بدامني ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز، چيف سيڪريٽري، گهرو سيڪريٽري ۽ ٻيا عملدار پيش ٿيا.

ٻڌڻي دوران آءِ جي سنڌ  پاران پوليس جي ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي وئي.

آءِ جي سنڌ پاران پيش ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته ڪراچي ۾ ڀتي خوري جي واقعن ۾ 60 سيڪڙو ، اسٽريٽ ڪرائم ۾ 25 سيڪڙو، ڀنگ لاءِ اغوا واقعن ۾ 100 سيڪڙو، ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن ۾ 69 سيڪڙو ۽ قتل جي عام واقعن ۾ 64 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي.

سپريم ڪورٽ آءِ جي سنڌ جي رپورٽ تي بي اعتمادي  ظاهر ڪندي کانئس پڇاڻو ڪيو ته ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن جا ڪيترا جوابدار گرفتار ڪيا ويا ۽ ڪيترا چالان پيش ٿيا آهن.

آءِ جي سنڌ چيو ته ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي، ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث ڪيترن ئي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

چيف جسٽس آءِ جي سنڌ کي مخاطب ٿيندي چيو ته جنهن امن امان جي اوهان دعويٰ ڪري رهيا آهيو، اهو رينجرز جي ڪري آهي.

جسٽس امير هاني مسلم آءِ جي کان پڇاڻو ڪيو ته شارٽ ٽرم ڪڊنيپنگ ڇا آهي، جڏهن ته چيف جسٽس آءِ جي کي مخاطب ٿيندي چيو ته عامر فاروقي جيڪا  شارٽ ٽرم ڪڊنيپنگ بابت جاچ ڪئي، ان بابت ڄاڻ اٿو؟جنهن تي آءِ جي سنڌ ان کان اڻڄاڻائي ظاهر ڪئي.

جسٽس امير هاني مسلم آءِ جي سنڌ کي چيو ته جيڪڏهن اوهان کي ان رپورٽ بابت ڄاڻ ناهي ته اوهان کي وردي ۾ به رهڻ جو حق ناهي.

آءِ جي سنڌ ٻڌايو ته ڪراچي مان 451 اشتهاري جوابدارن کي پڪڙيو ويو آهي، پيرول جي 70 مان 54 ڪيس اڪلايا ويا آهن ۽ اهڙن اڪثر ڪيسن مان جوابدار بري ٿي ويا آهن.

جسٽس امير هاني مسلم آءِ جي کي چيو ته جوابدارن جي گرفتارين ۽ امن امان بابت اوهان جي رپورٽ اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ برابر آهي، ٻڌايو ته اوهان نعيم بخاري ۽ آصف ڇوٽو جهڙن جوابدارن کي پڪڙيو؟

چيف جسٽس چيو ته جوابدارن جا نالا ۽ پتا اوهان وٽ آهن پر انهن ۾ هٿ نٿا وڌا وڃن.

عدالت آءِ جي سنڌ کي چيو عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ڇو نه اوهان خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

ڊي جي رينجرز سنڌ جي وڪيل شاهد انور باجوه رپورٽ پيش ڪئي، جيڪا دير سان پيش ڪرڻ تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

رينجرز جي وڪيل چيو ته 5 سالن دوران 2 ڊي جي رينجرز تبديل ٿيا پر پوليس ۾ بدلين جو عمل مستقل جاري رهندو آهي.

رينجرز جي وڪيل چيو ته جيستائين سمورا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا گڏجي ڪم نه ڪندا، ڪراچي آپريشن جا نتيجا حاصل نٿا ٿي سگهن.

وڪيل چيو ته رينجرز جا اختيار گهٽائڻ سبب گهربل نتيجا نه پيا ملن، ان ڪري رينجرز کي پنهنجا ٿاڻا قائم ڪرڻ، ايف آءِ آر داخل ڪرڻ، جوابدارن کان پڇاڳاڇا ڪرڻ ۽ ڪيسن جا چالان پيش ڪرڻ جا اختيار ڏنا وڃن.

رينجرز جي وڪيل پوليس کي غير سياسي بڻائڻ لاءِ ميرٽ تي ڀرتيون ڪرڻ ۽ پوسٽنگ جي مدي کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو.

رينجرز جي رپورٽ بعد جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ڏيندي چيو ته رينجرز جي رپورٽ سنڌ پوليس خلاف چارج شيٽ لڳي  رهي آهي ۽ چيف سيڪريٽري اهڙو تاثر نه ڏئي جو ٻن ادارن ۾ ٽڪراءُ ٿئي.

 عدالت چيو ته پوليس ڏوهن لاءِ ڪرائي جا ماڻهو ڀرتي ڪيا آهن، 2 هزار دهشتگرد آزاد گهمي رهيا آهن ته شهر ۾ امن قائم ڪيئن ٿيندو.

چيف جسٽس، چيف سيڪريٽري کان مقررين ۽ بدلين بابت سڀاڻي رپورٽ طلب ڪندي کيس مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪڏهن ڪو آفيسر ڊڪٽيشن وٺڻ کان انڪار ڪري ٿو ته ان کي بدلي ڪري ڇڏيو ٿا.

چيف جسٽس، چيف سيڪريٽري  سان مخاطب ٿيندي چيو ته سينيئر بورڊ آف روينيو جي پوسٽنگ ايتري غير اهم آهي جو ان ۾ مستقل آفيسر مقرر نٿو ڪيو وڃي.

جسٽس چيف، جسٽس انور ظهير جمالي، چيف سيڪريٽري سان مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان کي پنهنجي ذميواري جو احساس هئڻ گهرجي ۽ ڪنهن کان به ڊڪٽيشن نه وٺڻ گهرجي.

جسٽس امير هاني مسلم آءِ جي سنڌ سان مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان ٻن آفيسرن کان سواءِ ڪنهن به آفيسر کي ڪم ڪرڻ نٿا ڏيو ۽ انهن ٻن آفيسرن جي بدلي اوهان جي وس ۾ ناهي، نه ته انهن کي هڪ مهينو به رهڻ نه ڏيو ها.

سپريم ڪورٽ آءِ جي سنڌ کان ڊي جي رينجرز جي رپورٽ تي شق وار جواب طلب ڪندي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*