سنڌ هاءِ ڪورٽ چڙ ڏياريندڙ تقريرن جي 24 ڪيسن ۾ خواجه اظهار جي عبوري ضمانت منظور

sindh highi court

سنڌ هاءِ ڪورٽ چڙ ڏياريندڙ تقريرن جي 24 ڪيسن ۾ خواجه اظهار جي عبوري ضمانت منظور ڪندي هفتي اندر ٽرائل ڪورٽس  ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، خواجه اظهار چيو آهي ته سندن خلاف هول سيل ريٽ جي حساب سان ڪوڙا ۽ بي بنياد ڪيس ٺاهيا ويا آهن.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ بئنچ خواجه اظهار جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت خواجه اظهار جي چڙ ڏياريندڙ تقريرن جي  24 ڪيسن ۾ هڪ هفتي لاءِ 10-10 هزار رپين عيوض عبوري ضمانت منظور ڪندي کيس ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

ضمانت منظور ٿيڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه اظهار چيو ته هو آئين ۽ قانون جو احترام ڪندا آهن ۽ هو پنهنجي دفاع جو حق رکن ٿا.

خواجه اظهار چيو ته هو ڪراچي جي بهتري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهندا.

هن چيو ته جن سينيٽ چيئرمين،  ۽ صدر لاءِ ووٽ ورتا انهن جي طرف کان خاموشي آهي ۽ سندن خلاف هول سيل ريٽ جي حساب سان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*