وفاقي سرڪار پاران تيل اگهن ۾ گهٽتائي باوجود سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پيٽرول پمپس مالڪن جي مڳي برقرار

Pakistan-Petrol-ogra-30-7

وفاقي سرڪار پاران تيل اگهن ۾ گهٽتائي باوجود سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پيٽرول پمپس مالڪن جي مڳي برقرار آهي، مختلف شهرن ۾ پيٽرول 75 رپين کان 80 رپيا في ليٽر وڪرو ٿي رهيو آهي.

اوڳرا پاران پيٽرول جو في لٽر 62 رپيا 77 پيسا مقرر ڪيو ويو، پر ٿرپارڪر ضلعي ۾ پيٽرول پمپس تي 65 رپيا 10 پيسن تي في لٽر وڪرو ٿي رهيو آهي.

 ساڳي ريت ڊيزل 71 رپيا 12 پيسا في ليٽر وڪرو ٿيڻ بدران 73 رپيا 55 پيسن تي وڪرو ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب عوام سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيوآهي.

ٺارو شاهه ۽ ڀرپاسي جي شهرن پيٽرول 75 رپين کان  80 رپيا في لٽر وڪرو ڪيو پيو وڃي، پر انتظاميه ڪوبه تحرڪ وٺڻ لاءِ تيار ناهي.

شهرين جو چوڻ آهي ته وفاقي سرڪار پيٽرول ۽ ڊيزل ۾ جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪئي آهي، پر پيٽرول پمپس مالڪ وڌيڪ اگهه وصول ڪري رهيا آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته وڌيڪ اگهه وصول ڪندڙ پمپس مالڪن خلاف ڪارروائي ڪري مقرر اگهه تي تيل وڪرو ڪرڻ جو باپند بڻايو وڃي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*