وزيراعظم نواز شريف، اربع ٽن ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب روانو ٿيندو

Nawaz-sharif-visit-karachi-11-11

 وزيراعظم نواز شريف، اربع ٽن ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب روانو ٿيندو، پرڏيهي ترجمان چيو آهي ته وزيراعظم سعودي عرب ۾ فوجي مشقن جو جائزو وٺندو.

پرڏيهي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب، سعودي عرب جي اترين حصي ۾  “ نارٿ ٿندڙ ” فوجي مشقون جاري آهن، جنهن ۾ پاڪ فوج سميت 21 ملڪن جي فوج حصو وٺي رهي آهي.

پرڏيهي ترجمان جو چوڻ آهي ته فوجي مشقن جو مقصد دهشتگردي جي خاتمي لاءِ تربيت کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ آهي.

ترجمان موجب فوجي مشقن جي تقريب ۾ وزيراعظم نوازشريف به شرڪت ڪندو، جڏهن ته تقريب جي پچاڻي دوران ٻين ملڪن جا سربراهه به شرڪت ڪندا.

پرڏيهي ترجمان جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، پاڪستاني حڪومت ۽ عوام سعودي عرب جو احترام ڪري ٿو، سعودي جي سالميت لاءِ هميشه ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهيون……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*