اي ميل ايجاد ڪندڙ امريڪي ڪمپيوٽر پروگرامر رَي ٽام لــِنسن دل جو دورو پوڻ سبب 74 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي

founder-of-email-tomlinson

اي ميل ايجاد ڪندڙ امريڪي ڪمپيوٽر پروگرامر رَي ٽام لــِنسن دل جو دورو پوڻ سبب 74 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو  ڪري وئي.

ٽام لنسن کي 1971ع ۾ اهو خيال آيو هو ته هڪ نيٽ ورڪ کان ٻئي نيٽ ورڪ تائين اليڪٽرانڪ پيغام اماڻي سگهجن ٿا، سندس ايجاد ۾ اي ميل جي ايڊريس ۾ ايٽ دا ريٽ نشاني جو پهريون ڀيرو استعمال ٿيو، جنهن هڪ نئين راهه کولي ڇڏي.

رَي ٽام لــِنسن بولٽ، بيرانڪ ۽ نيومين ريسرچ ڪمپني ۾ هڪ انجنيئر طور ڪم ڪندي پهرين اي ميل اماڻي هئي، ان ڪمپني جي باري ۾ چيو ويندو آهي ته ان انٽرنيٽ جي شروعاتي شڪل “آرپانيٽ” ايجاد ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو.

پنهنجي حياتي ۾ ٽام لنسن چيو هو ته کيس اهو ياد نه آهي ته هن تجرباتي طور تي پهريون پيغام ڪنهن کي اماڻيو هو، ڇاڪاڻ ته ٿي سگهي ٿو اهو عام وساري ڇڏڻ جهڙو پيغام هوندو، جيڪو کيس ياد ئي نه رهيو.

رَي ٽام لنسن جي ڪم کي سندس پيشي سان واڳيل ماهرن 2012ع ۾ ساراهيندي کيس انٽرنيٽ جي هال آف فيم ۾ شامل ڪيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*