ڏکڻ ڪوريا ۽ امريڪي فوج وڏي پيماني تي گڏيل فوجي مشقون شروع ڪري ڇڏيون

south-korea-american-forces

ڏکڻ ڪوريا ۽ امريڪي فوج وڏي پيماني تي گڏيل فوجي مشقون شروع ڪري ڇڏيون آهن، جنهن تي اتر ڪوريا ڌمڪي ڏني آهي ته فوجي مشقن جي نتيجي ۾ ٻنهي ملڪن کي بنا فرق جي ايٽمي حملن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.

امريڪا ۽ ڏکڻ ڪوريا هر سال گڏيل فوجي مشقون ڪندا آهن، جن ۾ هزارين فوجي حصو وٺندا آهن ۽ هر ڀيري اتر ڪوريا انهن مشقن کي چڙ ڏياريندڙ ڪوٺيندو آهي، جنهن سان ڇڪتاڻ تيز ٿيندي آهي.

هيل ڏکڻ ڪوريا ۾ ٿيندڙ هي فوجي مشقون سڀ کان وڏيون مشقون آهن، جنهن جو سبب اتر ڪوريا پاران ايٽمي تجربي سان گڏ راڪيٽ خلا ۾ اماڻڻ به آهي، مشقن ۾ ٽي لک ڏکڻ ڪوريا جا فوجي ۽ 17 هزار امريڪي فوجي شريڪ آهي.

اتر ڪوريا سخت ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته امريڪا ۽ ڏکڻ ڪوريا جنگ جون تياريون ڪري رهيا آهن، جن کي ايٽمي حملي کي به منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.

پر ڏکڻ ڪوريا پيانگ يانگ جي اهڙي ردعمل کي رد ڪندي چيو آهي ته فوجي مشقون معمول واريون آهن ۽ ان کي چڙ ڏياريندڙ ڪوٺڻ غلط آهي.

اتر ڪوريا گڏيل قومن پاران نئين پابندين جي جواب ۾ پڻ پنهنجي فوج کي ايٽمي هٿيار تيار رکڻ جو حڪم ڏنو هو جنهن کي پيانگ يانگ “انصاف لاءِ اڳواٽ ايٽمي حملو” چوي ٿو.

پر ان هوندي به اتر ڪوريا جي اهڙن بيانن کي غير معمولي طور نٿو ڏٺو وڃي، ڇاڪاڻ ته ٻنهي ڪوريائن ۾ سالن کان ڇڪتاڻ هلي رهي آهي ۽ ٻئي ملڪ هڪٻئي کي ڌمڪيون ڏيندا رهندا آهن….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*