ڍوري ناري ويجهو پوليس هڪ شادي جي تقريب دوران ڇاپو هڻي 13 ورهين جي نينگري جي 50 سالا پيرسن سان شادي ڪرائڻ تي گهوٽ سميت 25 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو

dhoro naaro

ڍوري ناري ويجهو پوليس هڪ شادي جي تقريب دوران ڇاپو هڻي 13 ورهين جي نينگري جي 50 سالا پيرسن سان شادي ڪرائڻ تي گهوٽ سميت 25 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پوليس ڳوٺ فضل چوپاڻ ۾ ۾شادي جي تقريب دوران ڇاپو هڻي 5 ورهين جي پيرسن گهوٽ سميت 25 ڄڻن کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو.ڍ

پوليس جو چوڻ آهي ته  13 ورهين نينگري شبيران جي 50 ورهين جي پيرسن جمعون مڱڻهار سان شادي ڪرائي وئي آهي،  جنهن  لاءِ ڪارروائي ڪري 25 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.

پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته نينگري کي 10 لک رپين عيوض رحيميار خان جي رهواسي پيرسن جمعين مڱڻهار کي وڪرو ڪيو ويو آهي.

پوليس جو چوڻ هو ته ڪارروائي دوران جوڙي جي پيئرن سميت گهوٽ کي به گرفتار ڪري ڪنوار کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، شادي ۾ ڪرائيندڙ ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*