خاص عدالت، سنگين غداري ڪيس ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف کي ذاتي حيثيت ۾ 31 مارچ تي طلب ڪري ورتو

Pervaiz-Musharaf-24-2-16

خاص عدالت، سنگين غداري ڪيس ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف کي ذاتي حيثيت ۾ 31 مارچ تي طلب ڪري ورتو آهي، عدالت حڪم ڏنو آهي ته پرويز مشرف ضابطه فوجداري جي شق 3 سئو 42 تحت  بيان رڪارڊ ڪرائي.

پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ميان مظفر عالم خيل جي سربراهي ۾ جوڙيل 3 رڪني خاص عدالت پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران پرويز مشرف جي وڪيل عدالت ۾ميڊيڪل رپورٽ پيش ڪندي چيو ته  پرويز مشرف بيمار آهي ۽ اسپتال ۾ داخل آهي.

وڪيل چيو ته پرويز مشرف ضمانت آهي ۽ کيس حاضري کان ڇوٽ حاصل آهي، ان ڪري عدالت ۾ پيش نٿو ٿي سگهي.

جسٽس مظهر عالم، وڪيل کان سوال ڪيو ته پرويز مشرف کي حاضري کان ڇوٽ ڪنهن ڏني آهي.؟

پرويز مشرف جي وڪيل جواب ڏنو ته فرد جرم واري ڪارروائي بعد خاص عدالت پرويز مشرف کي حاضري کان ڇوٽ ڏني هئي، مشرف جو نالو اي سي ايل مان خارج ڪيو وڃي.

پراسيڪيوٽر  اڪرم شيخ مشرف جو نالو اي سي ايل مان خارج ڪرڻ جي مخالفت ڪندي چيو ته ڪيس جو ٽرائل روزاني جي بنياد تي هلايو وڃي، جيڪڏهن ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي ته ان جو ڪو جوڳو ڪارڻ به هئڻ گهرجي.

عدالت، وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد پرويز مشرف کي 31 مارچ تي ذاتي حيثيت ۾ عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو.

عدالت، حڪم ۾ چيو ته پرويز مشرف ضابطه فوجداري جي شق 342 تحت خاص عدالت ۾ پيش ٿي بيان رڪارڊ ڪرائي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*