چئني صوبن کي نمائندگي ڏيڻ واري بل تي پ پ سينيٽر سسئي پليجو ۽ ق ليگ سينيٽر ڪامل علي آغا وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ

senate-commitee

سينيٽ جي ڪابينا بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ اوگرا ۾ چئني صوبن کي نمائندگي ڏيڻ واري بل تي پ پ سينيٽر سسئي پليجو ۽ ق ليگ سينيٽر ڪامل علي آغا وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي آهي.

سينيٽ جا ڪابينا ڊويزن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين چيئرمين ڪامل علي آغا جي صدارت هيٺ ٿيو.

اجلاس ۾ پ پ سينيٽر سسئي پليجو پاران اوگرا ۾ چئني صوبن کي نمائندگي ڏيڻ بابت بل پيش ڪيو، جنهن تي سيڪريٽري ڪيبينٽ ڊويزن، سسئي پليجو ۽ ڪامل علي آغا وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي.

 ڪابينا ڊويزن جي سيڪريٽري چيو ته اوگرا ۾ ميرٽ جي بنياد تي ڀرتيون ٿينديون آهن، اداري ۾ صوبن کي نمائندگي ڏيڻ جي ضرورت ناهي.

 سينيٽر ڪامل علي آغا چيو ته صوبن جي نالي تي فيڊريشن کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هر معاملي تي صوبن جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي، جنهن مان تعصب ظاهر ٿئي پيو.

سسئي پليجو چيو ته ڪڏهن به تعصب جي ڳالهه ناهي ڪئي، هميشه فيڊريشن کي مضبوط ڪيو آهي، صوبن کي نمائندگي نه ملي ته احساس محرومي پيدا ٿيندو.

سسئي پليجو وڌيڪ چيو ته ميرٽ تي رڳو پنجاب مان ماڻهو آندا پيا وڃن، ڇاسنڌ ۾ اهل ماڻهن جي کوٽ آهي، سنڌ کي حق ڏيارڻ واري ڳالهه کي تعصب نه سمجيو وڃي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*