وفاقي سرڪار گڏيل ايوان جو 10 مارچ تي گهرايل اجلاس ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

islamabadnationalassemblyi0

وفاقي سرڪار گڏيل ايوان جو 10 مارچ تي گهرايل اجلاس ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، صدر ۽ وزيراعظم جي ڏيهه واپسيءَ بعد اجلاس گهرايو ويندو.

ذريعن موجب پي آءِ اي جي نجڪاري سميت مختلف بلن جي منظوري لاءِ 10 مارچ تي سڏايل گڏيل ايوان جو اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي، اجلاس صدر ۽ وزيراعظم جي ڏيهه واپسيءَ کانپوءِ گهرايو ويندو.

ذريعن موجب گڏيل ايوان جي اجلاس کان اڳ قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائي رٿ پيش ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*