پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان ۽ وڏي وزير پرويز خٽڪ، گورنر هائوس پهچي اقبال ظفر جهڳڙا کي خيبر پختونخوا جو نئون گورنر چونڊجڻ تي واڌايون ڏنيون

imran-khan

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان ۽ وڏي وزير پرويز خٽڪ، گورنر هائوس پهچي اقبال ظفر جهڳڙا کي خيبر پختونخوا جو نئون گورنر چونڊجڻ تي واڌايون ڏنيون، ذريعن موجب ملاقات دوران عمران خان ۽ گورنر هڪٻئي جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ ۽ صوبي جي ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان ۽ خيبر پختونخواه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ پشاور ۾ گورنر هائوس پهچي نئين چونڊيل گورنر اقبال ظفر جهڳڙا سان ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران عمران خان، اقبال ظفر جهڳڙا کي خيبر پختونخواه جو گورنر بڻجڻ تي واڌايون ڏنيون.

ذريعن موجب ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن هڪٻئي جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ، اختلافن کي هوا نه ڏيڻ ۽ صوبي جي ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*