قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه، وزيراعظم کي پي آءِ اي جي نجڪاري وارو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ کڻي وڃڻ جي صلاح

nawaz-khurshid-shah

قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه، وزيراعظم کي پي آءِ اي جي نجڪاري وارو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ کڻي وڃڻ جي صلاح ڏيندي چيو آهي ته طاقت جي زور تي فيصلا ڊڪٽيٽر ڪندا آهن، جيڪڏهن گڏيل اجلاس ۾ سينيٽ جي راءِ بلڊوز ڪئي وئي ته فيڊريشن لاءِ سٺو پيغام نه هوندو. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو ته پي آءِ اي جي معاملي تي پيپلزپارٽي اپوزيشن جي ٻين پارٽين سان رابطي ۾ آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي جا ميمبر پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ شرڪت ڪندا پر وزيراعظم نواز شريف کي فيڊريشن جي حمايت ڪرڻ گهرجي ۽ اهو فيڊريشن وچ ۾ ٽڪراءَ جو ڪارڻ نه بڻجي. خورشيد شاهه چيو ته سينيٽ پي آءِ اي واري بل تي پنهنجي راءِ ڏئي چڪو آهي،  مٿيون ايوان وفاق جي علامت آهي، جيڪڏهن گڏيل اجلاس ۾ سينيٽ جي راءِ بلڊوز ڪئي وئي ته فيڊريشن لاءِ سٺو پيغام نه هوندو. اپوزيشن ليڊر چيو ته طاقت جي زور تي فيصلاڊڪٽيٽر ڪندا آهن، جيڪڏهن سڀ ڪم طاقت جي زور تي ڪرڻا آهن ته اهو  سڀ ضياءُ الحق ۽ پرويز مشرف به ڪيو آهي. خورشيد شاهه، وزيراعظم کي صلاح ڏني ته پي آءِ اي جي نجڪاري وارو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ پيش ڪيو وڃي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*