ڪوٽڙي ۾ ٽيڪسٽائل مل جي ملازمن پاران پگهارن لاءِ احتجاج دوران پوليس جي لٺبازي ۽ فائرنگ ۾ مارجي ويل پورهيت جو لاش رکي ڌرڻو

kotri

ڪوٽڙي ۾ ٽيڪسٽائل مل جي ملازمن پاران پگهارن لاءِ احتجاج دوران پوليس جي لٺبازي ۽ فائرنگ ۾ مارجي ويل پورهيت جو لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو آهي، احتجاج ڪندڙن مل انتظاميا ۽ پوليس خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.

گذريل ڏينهن ٽيڪسٽائل مل ملازمن پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري مل جي مين گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، جنهن دوران پوليس احتجاج ڪندڙن جي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ لٺبازي شروع ڪري ڏني.

پوليس جي لٺبازي تي پورهيتن پاران مزاحمت ڪئي وئي، جنهن تي فائرنگ جي نتيجي ۾ 16 ورهين جو لطيف بروهي ٿڏي تي مارجي ويو ۽ چئن عورتن سميت 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا.

واقعي خلاف اڄ پورهيتن مارجي ويل ملازمن جو لاش ريلوي ٽريڪ تي رکي ڌرڻو هنيو ۽  ٽائرن کي باهيون ڏئي ٽريڪ کي بند ڪري ڇڏيو آهي.

مظاهرين جو چوڻ آهي ته پگهارون جاري نه ٿيڻ تي پر امن مظاهرو ڪندڙ ملازمن تي پوليس  فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪيو ۽ 10 ڄڻن کي زخمي ڪيو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جي درست نموني جاچ ڪرائي پوليس ۽ مل انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ هو احتجاج جاري رکندا……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*