ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت غير قانوني هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو رکڻ جي 50 ڪيسن ۾ ايم ڪيو ايم جي 26 جوابدارن خلاف فرد جرم لاڳو

ATC-karachi-21-8

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت  غير قانوني هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو رکڻ جي 50 ڪيسن ۾  ايم ڪيو ايم جي عبيد ڪيٽو، فيصل موٽا، ۽ فيصل ماما سميت 26 جوابدارن خلاف فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، عدالت 17مارچ تي شاهدن کي طلب ڪري ورتو آهي.

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڌماڪيدار مادو ۽ غير قانوني هٿيار رکڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران نائين زيرو تان گرفتار ٿيل عبيد ڪي ٽو، فيصل موٽا ۽ عامر سرڪٽا سميت 26جوابدارن خلاف فرد جرم لاڳو ڪيو ڪيو ويو.

فرد جرم لاڳو ڪرڻ دوران جوابدارن ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ عدالت ٻڌڻي 17 مارچ تائين ملتوي ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي شاهدن کي طلب ڪري ورتو آهي.

عبيد ڪي ٽو، فيصل موٽا ۽ ٻين جوابدارن کي 11 مارچ 2015  تي  رينجرز نائين زيرو تان گرفتار ڪيو هو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*