وزيراعظم نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف ٽن ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب روانا

nawazarmy-cheif18-8

وزيراعظم نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف ٽن ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب روانا ٿي ويا، جتي هو خطي جي سڀ کان وڏي فوجي مشقن جو معائنو ڪندا، وزيراعظم ۽ آرمي چيف جي سعودي قيادت سان به ملاقاتن جو امڪان آهي.

سعودي عرب ۾ نارٿ ٿنڊڙ نالي فوجي مشقون جاري آهن، جنهن ۾ پاڪ فوج سميت 21 ملڪن جا فوجي دستا شرڪت ڪري رهيا آهن، فوجي مشقن جو مقصد دهشتگردي خلاف جنگ ۾ تربيت واري معيار کي بهتر بڻائڻ آهي.

فوجي مشقن جي معائني لاءِ وزيراعظم نواز شريف آرمي چيف جنرل راحيل شريف ٽن ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب روانا ٿي ويا آهن، دفاع وارو وزير خواجه آصف، پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري، خاص معاون طارق فاطمي ۽ ٻيا پڻ ساڻن گڏ آهن.

ٽن ڏينهن جي دوري دوران وزيراعظم نواز شريف ۽ آرمي چيف جي سعودي عرب جي بادشاهه شاهه سلمان بن عبدالعزيز سميت ٻي قيادت سان به ملاقاتن جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*