گهوٽڪي ۾ گرلس هاءِ اسڪول جي پٽيوالي پرائمري اسڪول ۾ پڙهندڙ نينگر کي تشدد ڪري رتو رت ڪري ڇڏيو

ghotki--child-

گهوٽڪي ۾ گرلس هاءِ اسڪول جي پٽيوالي پرائمري اسڪول ۾ پڙهندڙ نينگر کي تشدد ڪري رتو رت ڪري ڇڏيو،  زخمي نينگر احتجاج ڪندي ملازم خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيوآهي.

گرلز هاءِ اسڪول جي پٽيوالي مين پرائمري اسڪول جي شاگرد سليم منگي تي تشدد ڪري کس رتو رت ڪري ڇڏيو، جنهن خلاف نينگر احتجاجي مظاهرو ڪيو.

نينگر ٻڌايو ته هو اسڪول پڙهڻ لاءِ وڃي رهيو هو ته گرلز هاءِ اسڪول جي پٽيوالي کي پڪڙي اسڪول اندر مٿس وحشياڻو تشدد ڪيو آهي.

نينگر تعليم کاتي جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته گرلز هاءِ اسڪول جي پٽيوالي خلاف ڪارروائي ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*