سمنڊ ڪناري زمين جو هڪ ايڪڙ اربين رپين جو آهي ۽ سنڌ سرڪار 350 ايڪڙ زمين وڪڻي کائي وئي آهي:فاروق ستار

mqm

متحده اڳواڻ فاروق ستار چيو آهي ته سمنڊ ڪناري زمين جو هڪ ايڪڙ اربين رپين جو آهي ۽ سنڌ سرڪار 350 ايڪڙ زمين وڪڻي کائي وئي آهي.

ڪراچي يونيورسٽي ۾ميڊيا سان ڳالهائيندي فاروق ستار چيو ته فڪس اٽ مهم به صفائي تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ هو به ڪراچي جي گهٽين ۽ ذهنن مان هر قسم جو ڪچرو صاف ڪرڻ لاءِ نڪتا آهن.

ڊاڪٽر فاروق ستار فڪس اٽ مهم هلائيندڙ عالمگير خان کي صفائي مهم ۾ شموليت جي دعوت ڏني آهي.

 فاروق ستار چيو ته سڀاڻي کان شروع ٿيندڙ صفائي مهم لاءِ عوام ڀرپور موٽ ڏني آهي.

فاروق ستار اپيل ڪئي ته صفائي مهم ۾ شاگرد، پورهيت ۽ پروفيشنل متحده جي مدد ڪن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*