سنڌ آدمشماري مانيٽرنگ ڪميٽي جي جاڳرتا ريلي ڪنڌڪوٽ پهچڻ تي عوام پاران شاندار استقبال

jagrta-rali

سنڌ آدمشماري مانيٽرنگ ڪميٽي جي جاڳرتا ريلي ڪنڌڪوٽ پهچڻ تي عوام پاران شاندار استقبال ڪيو ويو، سيد جلال محمود شاهه چيو آهي ته آدمشماري ۾ سنڌ واسي ڀرپور نموني شرڪت ڪن.

آدمشماري مانيٽرنگ ڪميٽي جي جاڳرتا ريلي سيد جلال محمود شاهه، نياز ڪالاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گڊو کان ڪنڌڪوٽ پهچڻ تي عوام پاران شاندار استقبال ڪندي ريلي ۾ شريڪ ماڻهن تي گلن جي ورکا ڪئي وئي.

ريلي کي خطاب ڪندي سيد جلال محمود شاهه چيو ته ايندڙ آدمشماري سنڌ واسين جي مستقبل جو فيصلو آهي، جنهن ۾ عوام ڀرپور نموني شرڪت ڪري.

هن چيو ته آدمشماري دروان خيال رهي ته ڪوبه ماڻهو شماري کان رهجي نه وڃي ۽ پنهنجي ٻولي واري خاني ۾ سنڌي لفظ لکڻ نه وساريندا…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*